ڪچي پل ويجهو معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت

0
220
ڪچي پل ويجهو معصوم

ڪچي پل (ن پ ا) ڪچي پل ويجھو ڳوٺ عيد محمد جاگيراڻي جي رهواسي  صحافي خادم حسين جاگيراڻي جي چئن ورھين جي معصوم  نياڻي شيراز خاتون  واٽر ڪورس ۾  ٻڏي فوت ٿي وئي

فوت ٿي ويل  نياڻي شيراز خاتون جي والد صحافي خادم حسين جاگيراڻي ٻڌايو ته ننڍڙي  شيراز خاتون راند ڪندي گھر ڀرسان واٽر ڪورس ۾ ڪري  ٻڏي فوت ٿي وئي

ٻارڙي کي اسپتال نيو ويو هو جتي ڊاڪٽر پاران به فوت ٿيڻ تصديق ڪئي  وئي، معصوم نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

واضع رهي ته اڍائي سال اڳ ساڳئي ئي واٽر ڪورس ۾ خادم جاگيراڻي جو معصوم ٻارڙو به ٻڏي فوت ٿيو هو