عدم اعتماد جي ناڪامي کانپوءِ سڀني جو حساب ڪتاب ڪندس: وزيراعظم

0
183
اسلام آباد مارچ جي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي واري معاملي تي سمورا ميمبرز منهنجي حمايت ڪندا، پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، عدم اعتماد جي ناڪامي کانپوءِ سڀني جو حساب ڪتاب ڪندس

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، فرخ حبيب ۽ قانوني ٽيم شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ عدم اعتماد ۽ موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ اتحادين سان ٿيل ملاقاتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اتحادين جي خاطرين تي اطمينان جو اظهار ڪيو

ذريعن موجب اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ کي ناڪام بڻايو ويندو، انهن جي ڦڪڻي مان هوا نڪرڻ واري آهي، جڏهن ته پرويز خٽڪ چيو ته اپوزيشن جا ڪيترائي ميمبرز اسان جي حمايت ڪندا، اسان پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، اپوزيشن کي ڪجهه ڏينهن خوش رهڻ ڏيو، اسان سرپرائز ڏينداسين

ذريعن موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مان هنن جي سازشن کان گهٻرائڻ وارو نه آهيان، اڳ ۾ به هن مافيا سان مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪندس

هن وڌيڪ چيو ته بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سڀني جو حساب ڪتاب ڪندس، پنجاب ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي قابو پائينداسين، سمورا ميمبرز منهنجي حمايت ڪندا، پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي

ھي به پڙھندا

عمران خان بندوق جون ڌمڪيون ڏنيون، برداشت نه ڪنداسين، ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ اسان جي خاندان ۽ پارٽيءَ قربانيون ڏنيون: بلاول