ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ گل محمد گهانگهرو ۾ روڊ حادثي سبب زخمي ٿيل ٻن ڄڻن رستم ۽ شھبان گهانگهرو کي اسپتال آندو ويو، جتي هڪ ڪلاڪ گذرڻ باوجود زخمين کي طبي امداد نه ملي سگهي، جڏهن ته ڊاڪٽر به ڊيوٽين تان غير حاضر هئا، ان سلسلي ۾ زخمين جي وارثن اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي الهه رکيو گهانگهرو، زاهد، غلام نبي گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ ڪي به سهولتون ناهن، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.