ڇور ڪينٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

0
343

نيوڇور( ن پ ا) ڇور ۾ العظيم شاھ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽيپ بال جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اسد جمال ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ڪينٽ کٽي ورتو، فائنل ۾ اسد ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ڪينٽ ۽ زين ميو ڪرڪيٽ ڪلب ميرپورخاص وچ ۾ مقابلو ٿيو، اسد ڪلب ڇور ڪينٽ پھريان کيڏندي مقرر 5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 75 رنز ٺاهيون، سروڻ سنگھه سوڍو 55 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ زين ميو ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم ميرپورخاص مقرر اوورن ۾ 60 رنز ٺاھي سگھي، اھڙي طرح اسد جمال ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ڪينٽ فائنل کٽي ورتو. جھانزيب آفريدي، ڊاڪٽر فاروق منڱريو، عرفان الله، جانب ھاليپوٽو ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان اسد جمال صاحب کي ٽرافي ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان ذيشان کي ٽرافي ڏني، هوڏانهن مين آف دي ميچ سروڻ سنگھه سوڍو، مين آف دي سيريز عمير مرزا، بيسٽ بالر عمير پٺاڻ، امپائرز عمر ۽ ابراھيم سومرو بيسٽ اسڪورز، صدام نھڙي، ڪامينٽر استاد جمن فقير کي ٽرافيون ۽ شيلڊون ڏنيون ويون.