ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول چمڪندڙ ساڙهي ۾ ادائون ڏيکاري سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو. لاجواب اداڪاري ۽ انوکي فيشن سينس سبب مداحن جي دلين تي راڄ ڪندڙ اداڪارا ڪاجول پنهنجي خوبصورت پوسٽ سان فيشن جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندي آهي. ٽويٽر تي ڪاجول هڪ ڀيرو ٻيهر خوبصورت تصويرون جاري ڪيون آهن جنهن تي مداح سندس واکاڻ ڪري رهيا آهن. ٻڌائيندا هلون ته اها خوبصورت ساڙهي مشهور سيلبرٽي فيشن ڊيزائنر منيش ملهوترا جي تيار ڪيل آهي.