چئن ڪنن واري انوکي ٻلي کي نيٺ مستقل گهر ملي ويو

0
355

استنبول (دلچسپ نيوز) چئن ڪنن واري انوکي ٻلي کي نيٺ مستقل گهر ملي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ترڪي ۾ پيدا ٿيل انوکي ٻلي جي ڪنن مٿان 2 وڌيڪ ڪن موجود آهن

ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ٻلي شايد روسي ۽ بلو اکين واري ٻلي جي ميلاپ سان پيدا ٿي آهي، ماهرن موجبٻلي جي ٻڌڻ واري سگهه برقرار آهي مٿيان ڪن واڌو آهن ۽ اهي سندس ڪنن تي اثرانداز نٿا ٿين، پيدائشي نقص باوجود هڪ عورت کيس اپنائڻ جو فيصلو ڪيو، عورت ان ٻلي کي پنهنجي گهر کڻي آئي ۽ سندس نالو ميڊاس رکيو آهي، ميڊاس انسٽاگرام تي اڪائونٽ پڻ ٺاهيو ويو آهي جنهن بعد سندس 25 هزار فالوورز ٿي ويا آهن.