ڄام صاحب پوليس پاران نوجوان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ڄڻو گرفتار

0
369

ڄام صاحب (رپورٽر) ڄام صاحب پوليس پاران نوجوان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ڄڻو گرفتار، ڄام صاحب پوليس پاران جعلي آئڊيون ٺاهي نوجوان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو

پوليس موجب بجار مري سوشل ميڊيا تي جعلي آئڊيون ٺاهي رئوف شر کي بليڪ ميل ڪري پئسا وصول ڪيا

پوليس جو چوڻ آهي ته رئوف شر بجار مري کي پئسا ڏيڻ لاءِ  پهتو ته پوليس به ڇاپو هنيو، جوابدار کي ڊوڙائي ڊوڙائي گرفتار ڪيو ويو

پوليس عملدارن ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي موبائيل ڀِتِ ۾ هڻي  ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي