ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ )ليڊيز ونگ( جو مهانگائي خلاف  چلها، چمچا ۽ ديڳڙا وڄائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، لبرٽي  چوڪ تي احتجاج ڪندڙ عورتن وفاقي بجيٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي صائمه نديم، نصرت واحد، ڊاڪٽر سيما ضياءُ ، غزاله سيفي ۽ ٻين چيو ته مهانگائي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ٿيون آهن،  مهانگائي خاص طور تي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، عمران سرڪار ۾ عوام مٿان مهانگائي جو بار نه هوندو هو، هنن چيو ته امپورٽڊ حڪومت کي جلد گھر وڃڻو پوندو،