دوداپور: مقتولن جي سئوٽ شاهنواز مندراڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻھن سان ڪجهه سالن کان ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان حملو ڪيو ويو، هن الزام هڻندي چيو ته مير خان مندراڻي، نظير مندراڻي ۽ ذوالفقار مندراڻي ساٿين سان گڏجي حملو ڪري اسان جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو، هن چيو ته جيڪڏهن پوليس بروقت ڪاروائي ڪري ناڪا بندي ڪري ها ته جوابدار پڪڙجي پون ها پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جنهن ڪري حملو ڪندڙ آساني سان فرار ٿي ويا.