پوليس مقابلا ۽ عوام جو اعتماد

0
297
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پوليس کاتي تي عوام جو اعتبار ايترو ئي آهي جيترو اعتبار ان جي شڪي مقابلن تي هوندو آهي،هر آئي ڏينهن پوليس جي مقابلن (شڪي )جون خبرون اخبارن جون زينت بڻجنديون رهن ٿيون جنهن ۾ دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته ڏوهارين کي ڏوهه ڪندي يا ڏوهه ڪرڻ کانپوءِ ڀڄندي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي،جڏهن ته پوليس جي انهي دعويٰ سان گڏ وارثن جو موقف ايندو آهي ته بيگناهه نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي ،اهڙن مقابلن جواڪثر اهي ماڻهو نشانو بڻجندا آهن جيڪي علائقي جي ڪنهن بااثر ڀوتار جي ظلم جو شڪار هوندا آهن يا ڪنهن پوليس آفيسر جي ڪاڻ نه ڪڍندڙ هوندا آهن يا وري ڪا طاقتور ڌر انهن تي ناراض يا ڪاوڙيل هوندي آهي،جڏهن انهن ڪوڙن مقابلن خلاف وارث ۽ سياسي سماجي اڳواڻ احتجاج ڪندا آهن ته معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اعليٰ آفيسر نوٽيس وٺندا آهن، جاچ جو اعلان ٿيندو آهي ۽ ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جا واعدا ٿيندا آهن ۽ پوءِ وري معاملو ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه وانگر هلندو رهندو آهي.
اهڙو ئي هڪ مقابلو ٻه ڏينهن اڳ پيرڳوٺ ڀرسان ٿيو آهي جنهن ۾ ٽن ڄڻ کي پوليس ڏوهاري ڄاڻائي مقابلي ۾ مارڻ جي دعوي ٰ ڪئي آهي جڏهن ته وارثن الزام لڳايو آهي ته اهو مقابلو ڪوڙو آهي نوجوان شادي تقريب تي ويل هئا جتان پوليس کين گرفتار ڪري پوءِ قتل ڪيو آهي ۽ مقابلي جو ڊرامو ڪري رهي آهي.پوليس جي اڪثر اهڙن مقابلن سبب ئي عوام جو اعتماد پوليس تان ختم ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري بيگناهه ماڻهو ئي اهڙن مقابلن جو شڪار ٿين ٿا، پوليس جو اهو ڪم ئي ناهي ته پاڻ جج ٿي سزا جزا جا فيصلا ڪري ڇڏي .
جيڪڏهن ڏسجي ته پوليس کاتو به اهڙو کاتو آهي جيڪو هڪ ئي وقت ظالم به آهي ته مظلوم به ،ظالم انهي حوالي سان ته ان کان نه ڪا پڇا ڳاڇا آهي نه ڪو حساب ڪتاب جيڏي مهل چاهين ڪنهن ماڻهو جي حياتي کسي وٺن، ڪنهن بيگناهه کي واڙي رشوت وٺڻ کانسواءِ نه ڇڏين ،ڪنهن کي ڪنهن خانگي ٽارچر سيل ۾ تشدد جو نشانو بڻائين. لڳندو ايئن آهي ته پوليس وٽ نه انساني حقن جي اهميت آهي، نه ئي قانوني دائري ۾ رهي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ جي پرواهه،پوليس پاڻ ئي قانون آهي ته پاڻ ئي عدالت ،ٻئي طرف ڏسجي ته پوليس جهڙو مظلوم کاتو آهي ئي نه، جيڪو هر وقت ڪنهن وڏيري ڪنهن ڀوتار ،ڪنهن طاقتور جي حڪمن جو پابند بڻايو ويو آهي، ان کي ڪنهن ضابطي ۾ هلڻ بدران ان طاقتور جي حڪم کي ضابطو سمجهي مڃڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن آفيسر قانون تي هلڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان آفيسر کي ان علائقي ۾ ئي هلڻ نه ڏنو ويندو .ڇاڪاڻ ته پوليس ۾ ايتري ته سياسي ، حڪومتي ۽ انتظامي مداخلت وڌي وئي آهي جو اهو کاتي طور ڪم ڪرڻ کان ئي لاچار نظر اچي رهيو آهي.تازو شڪارپور جي ڪچي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي ڪچي ۾ شهادت ۽ ڪجهه اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ اهي ڳالهيون ظاهر ٿي رهيون آهن جيڪي اڳ ۾ به عوام ۾ بحث هيٺ هونديون هيون ته ڪيئن پوليس کي سياسي مقصدن ۽ بااثرن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪجهه پوليس آفيسرن جون رپورٽون به منظر عام تي اچي چڪيون آهن ته ڪيئن ڏوهه ۽ ڏوهارين پٺيان انهن طاقتور ماڻهن جو هٿ آهي ۽ پوليس بيوس بڻيل هوندي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته مداخلت کان پاڪ ڪرڻ ۽ قانون تي هلڻ کانسواءِ پوليس تي عوام جو اعتاد بحال ئي نه ٿيندو تنهن ڪري اهڙن مقابلن کي روڪڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته پوليس جي تربيت اهڙي ڪئي وڃي جيئن هو پاڻ کي رڳو قانون آڏو ئي جوابدهه سمجهي.