پنھنجي سرزمين ڪنھن ٻئي جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، تڪرار نٿا چاھيون، اڳرائي نه ڪنداسين:افغان پرڏيھي وزير

0
231
پنھنجي سرزمين ڪنھن

ڪراچي(م ڊ) افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته جيڪو اسان سان انتشار جي سياست ڪندو اهو اڪيلو رهجي ويندو.

ڪابل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته 50 ملڪن جو اتحاد اسان جي خلاف افغانستان ۾ داخل ٿيو، افغانستان ۾ ٻاهرين ملڪن کان وڙهڻ ڪوئي به ويڙهاڪ نه آيو، امن جو سهرو مقامي ماڻهن کي وڃي ٿو.

طالبان فورسز جي گاڏيءَ

هن چيو ته افغانستان جي سر زمين ڪنهن ٻئي جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، تڪرار نٿا چاهيون ۽ نه ئي ان ۾ اڳرائي ڪنداسين.طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته افغان عوام سان دوستي جي لاءِ هڪ ڪوئي هڪ قدم وڌائيندو ته طالبان حڪومت ٻه قدم وڌائيندي، نظام ۾ مشڪلاتون آهن، پر هن جو محور عوام جي فلاح ۽ اهڙيون حالتون ٺاهينداسين ته جيئن ڪير به ملڪ ڇڏي نه وڃي.

هن چيو ته اسان ڪنهن کي به ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور نه ڪنداسين، اسان جي پاليسي عوام کي متحد ڪرڻ آهي، ملڪ جي اقتصادي ترقي جي ذميواري واپارين تي آهي، واپارين لاءِ روڪ ٽوڪ ناهي ۽ نه ئي وري رشوت جو بازار گرم آهي، اڄ وزير توهان جي پهچ ۾ آهن.هن چيو ته اسان تي به امتحان ايندا، ٻاهرين ملڪن سان سياسي واسطا ماضي وانگر وسيع آهن، مخالفن کي جيترو گوڙ ڪرڻو آهن ڀلي ان مان ڪو به فرق نٿو پوي.

هن چيو ته پنج شير جي آخري ويڙهه کانپوءِ ڪٿي به فائرنگ جو آواز نه ٻڌو ويو،مزار شريف ۾ هڪ شخص اغوا ٿيو ته ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ اسان جوابدارن کي پڪڙي ورتو.

 

ھي به پڙھندا

 

 

بنا پردي واري عورت ”ڪٽيل هنداڻي“ وانگر آهي: طالبان عملدار