پريا ڪماريءَ جو لکيل تصوراتي خط … رحمت الله ماڃوٺي

0
43
پريا ڪماريءَ جو لکيل تصوراتي خط ... رحمت الله ماڃوٺي

منهنجا پوج ممي پاپا ! منهنجي سڄي سنڌ جا ڪُڙم واسي.

مون رات سپنو ڏٺو. سپني ۾ جيڪي ڏٺو سو توهان کي ٻڌايان ٿي ته جيئن هي سوڻُو سچ ٿئي.

امي! ڏسان ٿي ته هڪ وڏو رڻ آهي. ڏاڍي گرمي آهي. مونکي ڏاڍي اڃ لڳي آهي. آئون اڪيلي آهيان. اوهان سڀني کي سڏ ٿي ڪريان. هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڊوڙي ڊوڙي سڀني کي سڏيان ٿي. رڙيون ڪري چوان ٿي؛ آئون پريا آهيان. آئون اڪيلي آهيان. مون کي اڪيلو ڊپ ٿو ٿئي. ڏسو مونکي اڃ لڳي آهي…

 ماتا جي! جيئن جيئن آئون رڙيون ڪري ٻاڪاريان ٿي تيئن تيئن واچوڙا ٿا اچن.. منهنجي سڏن ۽ دانهن جي جواب ۾ فقط واري ٿي اڏامي، منهنجي اکين، چهري ۽ ڪنن ۾ پوي ٿي. مونکي ڪا روشني نظر ڪانه ٿي اچي، چؤڏس انڌيرو آهي.. اڃ وڌي ٿي وڃي، آئون بي سڌ ٿي ڪِري ٿي پوان. ڏسان ته هڪڙي مون جيتري بيبي، ڪُڇڻ تي هڪڙو ڇهن مهينن جو ٻار کڻي اچي ٿي ۽ مون ساڻي ٿي ڪِري پيل جي سيراندي ويهي چوي ٿي؛ تون اسان جي پريا آهين؟

مون بيوسيءَ مان چيو؛ ها مان پريا آهيان… مونکي ڏاڍي اڃ لڳي آهي.

 هُن بيبيءَ چيو؛ اڃ اسان کي به ڏاڍي لڳي آهي. منهنجو هي ڇهن مهينن جو ڀاءُ به اڃارو آهي

امي! مون ڀاءُ ڏي ڏٺو، جنهن جي ڳلي مان رت وهي سندس ڪپڙن تي ڄمندو ٿي ويو. مون ڊڄي پڇيو؛ هن کي ڇا ٿيو ۽ توهان جي ڪنن مان به رت ڇو پيو وهي؟

بيبيء چيو؛ منهنجي ڀاءُ کي اڃ لڳي هئي، منهنجو بابا کيس پاڻي پيئارڻ لاءِ، امڙ جي ٻانهن مان ڪڍي ويو. بابا منهنجي هن معصوم ڀاءُ کي هٿن تي کڻي هنن وڏن ماڻهن جي اڳيان ڪيو. پريا ! اُهي وڏا ماڻهو اهڙي قسم جا هئا جهڙا توهان وٽ سنگرار، روهڙي ۽ سکر ۾ آهن.

انهن وڏن ماڻهن توهان جي معصوم ڀاءُ کي پاڻي ڏنو؟

نه پريا! هنن ظالمن منهنجي معصوم ڀاءُ جي ڳلي ۾ ٽن ڦڻن وارو تير هنيو. بيبي اوڇنگار ڏني.

روئو نه.. توهان روئو نه. مون بيبيءَ کي آٿت ڏني.

بيبيءَ روئندي چيو؛ اسان گذريل چوڏهن سو سالن کان روئون پيا اسان جي پريا.

مون پڇيو ؛ بيبي صاحبه! توهان جي ڪنن کي ڇا ٿيو.

منهنجي ڪنن مان واليون ڇنيون ويون آهن ۽ ڏس منهنجو مٿو به اگهاڙو آهي منهنجي پوتي به ڇني ويا. بيبي صاحبه ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو.

امي! مونکي پنهنجا ڏک وسري ويا. مون بيبي صاحبه کي چيو؛ وڏا ظالم وحشي هئا.

ها وڏا وحشي، سنگرار، روهڙي ۽ سکر جي وڏن ماڻهن جهڙا ئي هئا.بيبي صاحبه چيو

مونکي ڏاڍي اڃ لڳي آهي بيبي…

مون سُڏڪندي چيو

مونکي خبر آهي پر گذريل محرم ۾ تو به اسان کي پاڻي نه پياريو. بيبي صاحبه شڪايتي انداز ۾ چيو.

مون ڇرڪي کين ڏٺو. مون توهان ٻنهي کي هاڻ سڃاتو آهي بيبي صاحبه! مونکي معاف ڪري ڇڏجو. گذريل سال پاڻي انهي ڪري نه پياري سگهيس ڪي مونکي باندي بڻائي  وٺي ويا هئا. تڏهن مون کان ڪوتاهي ٿي جو پاڻي پياري نه سگهيس. مونکي معاف ڪجو. مون هٿ ٻڌا.

امي، مون ڏٺو ته ان مهل اها بيبي، سندس ننڍي ڀاءُ کي ڪڇ تي کڻي اٿي بيٺي

مون ڊڄي چيو ؛ بيبي! هن رڻ ۾ توهان به مونکي اڪيلو ڇڏي ٿيون وڃو!

پيار مان بيبيءَ وراڻيو؛ اسان پنهنجن کي اڪيلا ۽ مصيبت ۾ ڇڏيندا ئي نه آهيون. تون هل اسان سان.

امي! مونکي ايئن لڳو مان هنن سان گڏ هوا ۾ اُڏرندي ٿي وڃان. پوءِ اسان هڪڙي وڏي درٻار جي آڏو بيٺا هئاسين. جنهن جي سونهري گنبذ تي ڳاڙهو جهنڊو لڳل هو.

بيبيءَ چيو؛ پريا! هي اسان جي ڏاڏا سائينءَ جو گهر آهي.تون هتي بيهه. آئون ڏاڏا سائينءَ کي ٻڌائي اچان ته پنهنجي پريا سان ساڳين ظالمن جي اولاد ظلم ڪيو آهي، جن جي وڏن اسان سان ڪيو هو. ترس.

امي! پوءِ بيبي صاحبه ننڍڙي ڀاءُ کي کڻي اندر وئي

ڪجهه دير کانپوءِ بيبي پنهنجي چاچا سان گڏ ٻاهر آئي . بيبي صاحبه مونکي چيو؛ پريا! هي منهنجو اهو چاچا آهي، جنهن جي ذمي بابا سائين، اسان کي پاڻي پيارڻ جو ڪم رکيو هو.

امي! پوءِ بيبي صاحبه جي چاچي مونکي سندس ڇاڳل مان پاڻي پياريو. هڪڙي جيجي ٻاهر آئي، جنهن لاءِ بيبي صاحبه چيو ؛ هيءَ فزان آهي. مونکي فزان پاڻ سان وٺي وئي ۽ مونکي شنان ڪرائي، ڪپڙا پارائي وري ٻاهر وٺي آئي جتي ڏٺم ته بيبي صاحبه وٽ خاڪي ڪپڙن وارا سپاهي بيٺا هئا. جن مونکي پاڻ سان گڏ کنيو. بيبي صاحبه ڳراٺڙي پائي مون کان موڪلايو. مون بيبي صاحبه جي ننڍڙي ڀاءُ کي ڳلي تي مِٺي ڏني. بيبي صاحبه چيو؛ هي اسان جا سپاهي آهن. هي توکي تنهنجي ماءُ پيءُ تائين پهچائي ايندا. پر ياد رکجان هر سال اسان کي پاڻي پيئارڻ نه ڀلجان. فوجي سپاهين بيبي صاحبه کان پيرن پئي موڪلايو ۽ اسان سفر ۾ نڪري پياسين توهان وٽ اچڻ لاءِ.

اوچتو منهنجي اک کلي وئي.

پر امي! منهنجي دل ٿي چوي جن جن کي مون خواب ۾ ڏٺو سو ڪوڙ نه هو. هنن مونکي توهان وٽ پهچائڻ جو وعدو ڪيو آهي ته اهو غلط ٿي ئي نٿو سگهي.

توهان سڀ به مون لاءِ پرارٿنا ڪجو

توهان جي وڳر کان وڇوڙيل

پريا ڪماري

حال ويٺل.  شمر محل

حرمل محلو. يزيد آباد …….. (فيس بوڪ تان ورتل)