دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽيسٽ رانديگرن بابت رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽاپ ٽين بيٽسمينن جي فهرست مان آئوٽ ٿي ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا جو ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ٽاپ ٽين بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو آهي، هو 2 درجا برتري سان 10هين نمبر تي اچي ويو آهي، بابر اعظم ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ 11هين نمبر تي اچي ويو آهي. آسٽريليا جو اسٽيو اسمٿ پهرين، نيوزليينڊ جو ڪين وليمسن ٻين، آسٽريليا جو مارنوس لابوشين ٽين نمبر تي موجود آهن. ڀارت جو ويرات ڪوهلي رينڪنگ ۾ چوٿين، ريشڀ پنت ڇهين ۽ روهت شرما ستين، هنري اٺين ۽ ڊيوڊ وارنر نائين نمبر تي آهي.