ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊو ڄام لڳ کيسانه موري وٽ ڊمپر ٽنڊوالهيار واسي نوجوان ڀاون ڀيل مٿان چڙهي ويو، ڊمپر جي ٽڪر سبب ڀاون ڀيل ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، پوليس پهچي ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مليل ڄاڻ موجب حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان ٽنڊو الهيار جو رهواسي آهي، ٽنڊو ڄام لڳ انبن جي باغ تي روزگار سانگي اچي رهيو هو.