ٽنڊو غلام حيدر: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، تحفظ جي گھر

0
398

ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ڪڙيوگنهور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مهيار چانڊيو جو پريمي جوڙو نوجوان قمبر چانڊيو ۽ سندس زال سويرا چانڊيو پسند جي شادي بعد دربدر، ٽائيم نيوز اڳيان دانھيندي جوڙي چيو ته 4 مهينا اڳ اسان رضا خوشي سان سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيار جو پرڻو ڪيو، جنهن کانپوءِ ڇوڪري جا مائيٽ اسان جا جان جا ويري ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، اسان تي هڪ ڀيرو اڳ ۾ بھ قاتلاڻا حملو ڪيو ويو، اسان کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو آھي، ايس ايس پي بدين کي بھ جوابدار خلاف درخواست ڏني آھي، ھنن چيو تھ اسان جي زندگين کي خطرو آھي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي کي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.