ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڇتن ڪتن جو آزار،8 مهينن دوران 5 سو ماڻهن ڏاڙهجي ويا.ان ڏس ۾ گڏ ڪيل انگ اکرن موجب اٺ مهينن دوران ڪتن پنج سو کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاِڙهي زخمي ڪيو، جڏهن ته نومبر کان اپريل تائين 300 سو ماڻهو ڏاڙهيا ويا، جنهن ۾ اڍائي سو ٻار شامل آهن، جڏهن ته مئي 2021 مهيني کان آگسٽ مهيني تائين ٻه سو ماڻهو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا شڪار بڻيا.چار سو ڄڻن کي ٺل جي تعلقا اسپتال مان ويڪسين ڪئي وئي. ٺل جي تعلقا اسپتال ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين هڪ مهيني کان ناهي ملي سگھي.رابطو ڪرڻ تي تعلقا اسپتال ٺل جي ايم ايس ڊاڪٽر نادر علي پنهور پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٺل تعلقي جي اسپتال ۾ ڇتي ڪتن جي ويڪسين ناهي ملي جنهن لاءِ اسان اعلي اختيارين کي ليٽر لکيو آهي.