وڏي وزير جي صدارت ۾ اهم اجلاس، موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو

0
181

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت پرڏيهي پناهگيرن خلاف ڪارروائيون جاري آهن

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته غير قانوني پرڏيهي پناهگيرن جي ڪاروبارن ۽ ملڪيتن جي نشاندهي جو سلسلو جاري آهي، غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن

نگران وڏي وزير صوبائي سينسس ڪمشنر کان نئين آدمشماري دوران ڳڻيل غيرقانوني پرڏيهين جو ريڪارڊ هٿ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

نگران وڏي وزير طرفان پراسيڪيوشن کي غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪيس جلد اڪلائڻ جي به هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ ٻين وهيڪلز سان گڏ موٽرسائيڪلز ۾ به ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو: نوٽيفڪيشن جاري