سردار ۽ ڀوتار بوکلائجي ويا آهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب

0
171

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس  بابت ٻڌڻي ٿي، شاهد اعجاز چانڊيو کان سردار احمد چانڊيو جي وڪيل ڪراس ڪسچنگ  مڪمل ڪري ورتي  آهي

برهان خان چانڊيو جو وڪيل پيش نه ٿيڻ  ڪري شاهد اعجاز چانڊيو کان ڪراس  ڪسچنگ مڪمل نه ٿي سگهي

جوابدار ڌر جي وڪيل اطهر عباس ۽ ٻين  پاران شاهد کي تفصيلي جواب ڏيڻ بدران ها يا نه ۾ جواب ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي

داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شاهد کي پابند بڻايو وڃي ته ڪراس  ڪسچنگ دوران ها يا نه ۾ جواب  ڏئي، عدالت جوابدار ڌر جي وڪيلن جي  اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي

ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، سردار خان  چانڊيو، برحان خان چانڊيو ۽ ٻيا پيش ٿيا، ام رباب چانڊيو ۽ سردار چانڊيو ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون

عدالت ٻاهران ٽائيم نيو ز سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس هلي رهيو آهي، اسان پراميد آهيون، اسان هر ٻڌڻي تي اچي رهيا آهيون

هن چيو ته شاهد اهو ئي بيان ڏيندا جيڪو انهن پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، هي ڀوتار سردار بوکلائجي ويا آهن، اسان ڊڄڻ وارا ناهيون

هي به پڙهندا

سردار عدالتن مان ڀڄي رهيا آهن: ام رباب چانڊيو