اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صدارت ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جو اجلاس، مرڪزي سطح تي ايپڪس ڪاميٽي قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام واري اداري نيڪٽا کي فعال بڻائڻ  جو فيصلو، سياسي ۽ عسڪري قيادت قرار ڏنو  ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ، پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري لاءِ قوم ۽ رياستي ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن، هر قيمت تي انهن مقصدن جي حاصلات کي يقيني بنايو ويندو،ڪالهه نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو، پڌرائي موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کان علاوه سروسز چيفس، حساس ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جي اجلاس ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ وطن عزيز جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ تمام ادارن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ هن عظيم مقصد لاءِ شهيد ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس ۾ محسن داوڙ ۽ اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين به شرڪت ڪئي، جلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته  نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان ٿيڻ نه ڏنيون وينديون، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت، پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي حفاظت، آئين جي حڪمراني، رياستي عملداري لاءِ قوم ۽ رياستي ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن، پوري قوم ان مقصدن تي واضح ۽ متحد آهي، هر قيمت تي ان مقصدن جي حاصلات يقيني بڻائي ويندي، اجلاس ۾ سوات سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪيو ويو، پاڪستان جي هر شهري جو رت قيمتي آهي، شهرين جو رت وهائيندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، اجلاس ۾ مرڪزي سطح تي ايڪپس ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ايپڪس ڪاميٽي جي صدارت وزيراعظم ڪندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري اداري نيڪٽا کي فعال ڪيو ويندو، نيڪٽا صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي وارن ادارن، سي ٽي ڊي جي گڏيل عمل سان ڪم ڪندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نظام جي نئين سر متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، دهشتگردي جي خاتمي واري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري نظام جي اپگريڊيشن لاءِ وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، سي پيڪ جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي قدمن جي منظوري ڏني وئي.