وفاقي حڪومت پئٽروليم جي قيمتن ۾ 20 رپيا في لٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
298

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پئٽروليم جي قيمتن ۾ 20 رپيا في لٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس  دوران تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 ناڻي واري وزير موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل 19 رپيا 90 پئسا مهانگي ڪئي وئي، جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 237 رپيا 40 پئسا ٿي ويو، پئٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 95 پئسا اضافو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پئٽرول جي نئين قيمت 272 رپيا 95 پئسا ٿي وئي آهي

 ناڻي واري وفاقي وزير موجب پئٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن ۾ واڌ تي عمل فوري لاڳو هوندو، اسحاق ڊار چيو ته گذريل ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي ۽ اوگرا سان تيل جي قيمتن ۾ واڌ تي مشاورت ٿي، ملڪي مفادن کي آڏو رکندي قيمتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي

وزيراعظم به چيو آهي ته عوام لاءِ جيڪو بهتر هجي، اهو ڪرڻ گهرجي، اسان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ آهيون ۽ سڀني کي خبر آهي ته اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو آهي

هن جو چوڻ آهي ته  ماضيءَ ۾ به اهو ئي مسئلو ٿيو ته حڪومت ويندي ويندي معاهدي کي پورو نه ڪيو،  ان ڪري اسان کي آءِ ايم ايم ايف سان پئٽروليم  ليوي بابت ڪمينٽ ڪرڻي پئي

هي به پڙهندا

پاڪستان ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحون ڪري ورتيون