وزيراعظم عمران خان جي روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات

0
359
وزيراعظم عمران خان

ڪراچي: ماسڪو ۾ موجود وزيراعظم عمران خان صدر پيوٽن سان ملاقات لاءِ صدارتي محل پهچي ويو، وزيراعظم ۽ صدر وچ ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ملاقات جاري رهندي

وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر پيوٽن سان ملاقات جاري آھي، ٻئي سربراهه نويڪلائي ۾ ملاقات دوران يوڪرين ڇڪتاڻ ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال سوڌو ٻين اهم مامرن تي ڳالهيون ڪندا، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندا

وفدن جي سطح تي ملاقات دوران اهم معاهدا ٿيڻ جا مڪان، وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ جان ڏيندڙ فوجين جي يادگار تي گُل رکيا، وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا

وزيراعظم کي موجوده صورتحال ۾ روس جو دورو نه ڪرڻ گهرجي ها:خورشيد شاھ

 ٻئي پاسي سيد خورشيد شاھ چيو آھي تھ وزيراعظم کي موجوده صورتحال ۾ روس جو دورو نه ڪرڻ گهرجي ها، عمران خان روسي دوري سان پنهنجي ئي پرڏيهي پالي سي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته آئين کان ٻاهر ڪوبه قدم نه کڻنداسين، اسان کي سياسي ويڙهه ڪرڻ گهرجي

پ پ جو لانگ مارچ حڪومت نه، مهانگائي خلاف آهي، اسان جهموريت کي برقرار رکڻ گهرون ٿا، ٻنهي مارچن دوران بي اعتمادي رِٿ آندي ويندي، سڀ کان پهرين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ گهرجي، 23 مارچ واري لانگ مارچ ۾ شرڪت جو فيصلو حالتن تي ٻڌل آهي، اُن کان پهرين فيصلو ٿي ويندو