هر مشقِ ستم “ملڪ جي وسيع تر مفاد” جي نالي ۾!

0
130
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

هن ملڪ جي حڪمرانن عوام جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. هتي زندگيءَ جي اذيت ايتري ته سرس ۽ سوائي ٿي وئي آهي جو ماڻهو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. عالمي مالياتي اداري جي فرمائشن تي “آمنا صدقنا” چئي عمل ڪيو پيو وڃي، جنهنڪري هڪ طرف ته مهانگائي سبب زندگيءَ لاءِ ضروري اسمن تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي نه رهي آهي ۽ حالت ان نهج تي وڃي پهتي آهي، جو ماڻهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو به برقرار رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي فرمائش تي منتظمين جي تازي مشقِ ستم اها آهي ته گئس جي اگهن ۾ 193 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلي موجب، گهريلو، ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ منظور ڪيل گئس ٽيرف پهرين نومبر 2023ع کان لاڳو ٿيندو. حڪومت طرفان آءِ ايم ايف سان 70 ڪروڙ ڊالرن جي ايندڙ قسط لاءِ اقتصادي جائزي جون ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪري عالمي مالياتي اداري جو شرط پورو ڪيو ويو آهي. گئس جي ميٽرن تي فڪس چارج 10 رپين مان وڌائي 400 رپيا ماهوار ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي.

هن ملڪ جو الميو اهو آهي ته هتي آئين ٽوڙڻ کان وٺي چونڊيل حڪومتن جا تختا اونڌا ڪرڻ، چونڊيل وزير اعظم کي عدالتي ساز باز سان ڦاهيءَ تي چاڙهڻ کان وٺي چونڊيل حڪومتون ختم ڪرڻ، آئين ۾ پنهنجي مرضيءَ سان من پسند ترميمن جون چَتيون هڻي آئين جو جمهوري پارلياماني چهرو مسخ ڪرڻ جهڙن ڪمن لاءِ حڪمران، چوندا آهن ته اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي “وسيع تر مفاد” ۽ عوام جي “عظيم تر مفاد” ۾ ڪيو ويو آهي. هر ڪڌو ڪم ملڪ جي وسيع تر مفاد جي نالي ۾ ڪيو وڃي ٿو ۽ ملڪ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿيندو پيو اچي پر ان جي ذميوارن کي پڪڙ ۾ نٿو آندو وڃي ۽ کين هر ڳالهه ڦٻي وڃي ٿي. هن ڀيري به ملڪ کي پنجوڙ وجهي، آءِ ايم ايف جي اڳيان اڇلائي هڪ ائٽمي قوت ملڪ لاءِ رسوائي جو سامان پيدا ڪيو ويو آهي. ڊالرن جي عيوض هن ملڪ جي عوام جي مرضي عالمي مالياتي اداري وٽ گروي رکي وئي آهي. اهو ادارو قرض عيوض روز اهڙيون اهڙيون فرمائشون ڪندو رهي ٿو، جيڪي پوريون نه ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته، حڪمرانن جي ڪشڪول ۾ ڊالرن جي صورت ۾ جيڪي ڪچ ڪوڏيون پوڻيون آهن، اهي نه پونديون. اسان ڪچ ڪوڏيون ان ڪري ٿا چئون ته انهن جي بدلي ۾ عوام کي جنهن نموني ڀوڳڻو پوي ٿو، ان اذيت ۽ مفلسي جي ڀيٽ ۾ اهي ڊالر ڪچ ڪوڏين کان وڌيڪ حيثيت نٿا رکن، پر الميو اهو آهي ته ان لاءِ چيو پيو وڃي ته اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي “وسيع تر مفاد” ۾ ڪيو پيو وڃي. انهن کي ڪير چوي ته، شينهن، تنهنجي وات ۾ ڌپ! نگران حڪمرانن گئس جي ٽيرف ۾ جيڪو 193 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو صرف 193 سيڪڙي تائين ئي محدود رهڻو ناهي، جڏهن ته ان ۾ حڪومتي ٽيڪس به شامل ٿيندا، گئس جي ميٽر تي فڪس چارج 10 رپين بدران 400 رپيا پڻ شامل ٿيندا ته پوءِ مهانگائي جو پُڇ زمين تي ۽ سِسي آسمان تي هوندي. ان حڪومتي عمل سان مهانگائي راڪيٽ رفتاريءَ سان وڌندي ۽ غريب ماڻهن کي جيڪو سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو مس نصيب ٿئي ٿو، ان کان به محروم ٿي ويندا.

اسان موجوده حڪمرانن کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته سموري کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪرڻ بدران بهتر ۽ جٽادار معاشي پاليسيون جوڙي ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪيو وڃي. عوام تي مالي بار منتقل ڪرڻ بدران متبادل مالي وسيلا پيدا ڪيا وڃن. گئس جون قيمتون نه صرف گهريلو واهپيدارن لا وڌايون ويون آهن، پر ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ پڻ قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جو هر شيءِ جي قيمتن تي اثر پوندو ۽ ماڻهن لاءِ زندگي جي ضرورتن تائين رسائي مشڪل بڻجي ويندي. ان ڪري ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾، توڙي عوام جي عظيم تر مفاد ۾ اهو آهي ته گئس جي قيمتن ۾ هيڏي وڏي واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.