هاڻي گاڏيون به سولر سسٽم تي هلنديون

0
320

هاڻي گاڏيون به

ڪراچي(دلچسپ نيوز) اليڪٽرڪ گاڏين تي اڄ ڪلهه گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي پر هاڻي اهڙيون سوارين جي تياري به ڪئي پئي وڃي جيڪي سولر سسٽم تي هلنديون. هڪ ڊچ ڪمپني سولر پاور تي هلندڙ گاڏي کي هلندڙ سال پيش ڪرڻ جو هدف به طئي ڪري رکيو آهي. ”لائٽ ايئر 1“ نالي اليڪٽرڪ گاڏي ڊپ ڪمپني لائٽ ايئر تيار ڪري رهي آهي

ويجهر ٽيسٽن ۾ گاڏي 81 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سنگل چارج تي 248 ميل جو سفر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. گاڏيءَ 60 ڪلو وولٽ بيٽري کي سنگل چارج ڪرڻ تي ايترو سفر طئي ڪيو. گذريل ٽيسٽن جي مقابلي ۾ هي نئين ٽيسٽ وڌيڪ رفتار ۽ سرد ماحول ۾ ڪيون ويون ته جيئن ٽيڪنالاجي کي پرکي سگهجي.