نواز ليگي وفاقي حڪومت ۾ ٿيل ‘اڻ ٿيڻيون’!

0
40
نواز ليگي وفاقي حڪومت ۾ ٿيل ‘اڻ ٿيڻيون’!

8 فيبروري 2024 تي ملڪ اندر ٿيل عام چونڊن ۾ خيبر پختونخوا صوبائي اسيمبليءَ جي 115 جنرل سيٽن مان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته 90 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آھن، جنهن جو مطلب پي ٽي آءِ کي صوبي جي عوام ڪل سيٽن مان 78 سيڪڙو سيٽن تي ڪاميابي ڏياري آھي. جيئن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي واضح مينڊيٽ مليو آھي، ائين ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ کي به ايترو واضح مينڊيٽ مليو آھي، جو صوبي ۾ حڪومت سازي لاءِ کين هڪ ميمبر جي به ضرورت نه آھي. انهي صوبي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ناقابل ضمانت گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا آھن. اهي وارنٽ ته عدالت پاران جاري ٿيا آھن، جنهن تي ڪو تبصرو نٿا ڪريون پر هڪ صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي گرفتاريءَ جا ملڪ مٿان گهرا سياسي اثر مرتب ٿيندا. ڪي ان عمل کي صوبي پاران پي ٽي آءِ کي مليل مينڊيٽ جي توهين تصور ڪندا ته ڪي ان کي سياسي انتقام قرار ڏيندا. شايد پي ٽي آءِ وارا اهو سوال به ڪن ته هڪ طرف اسان خلاف ڪارروايون ٿين پيون ۽ اسان جي سربراه سوڌو ڪيترا اڳواڻ گرفتار آھن ۽ اڃان  وڌيڪ اڳواڻن کي جيل موڪلڻ جون تياريون ٿي رهيون آھن. ٻئي طرف نواز شريف، مريم نواز شريف بعد نواز شريف جي ٻن پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي احتساب عدالت ٽن ڪيسن ۾ بري ڪيو آھي. اها ڳالھ  عجيب آھي ۽ سمجهه کان بالاتر رهي آھي ته جڏهن ڪا پارٽي اقتدار ۾ هوندي آھي ته ان سان تعلق رکندڙ اڳواڻن جا ڪيس هڪ سئو چاليھ جي اسپيڊ سان ڇو ختم ٿيندا آھن؟ ۽ ڪا پارٽي، حڪمران پارٽي يا طاقتور ڌرين جي عتاب ۾ آيل نظر ايندي آھي، تڏهن ان جي اڳواڻن خلاف عدالتي ڪيسن هلڻ ۾ تيزي ڇو اچي ويندي آھي؟ اهو ئي سبب آھي ته ذهن ۾ سالن کان عجيب غريب سوال اڀرندا رهيا آھن ۽ هاڻي به اڀري رهيا آھن پر هر مامري متعلق سوال تي کليل نموني بحث ڪرڻ جي گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ ته ‘عياشي’ برداشت نه ٿي سگهندي. ان ڪري پنهنجي دائري ۾ رهڻ بهتر آھي .

ملڪ ۾ عام چونڊون ته ٿي ويون آھن پر چونڊ نتيجن تي اڃان تائين سنجيده سوال ڪر کنيو بيٺا آھن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ پهريون قدم کڻڻ کانسواءِ ئي وفاقي حڪومت جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آھي. پهرئين مرحلي ۾ هن ڀيري جنهن قسم جي وفاقي ڪابينا سامهون آئي آھي، اها ڪهڙي سياسي الجبرا سان قائم ٿي آھي؟ اهو حساب ڪتاب سمجهڻ لاءِ ماڻهو مٿي ماري ڪري رهيا آھن پر کين حساب ڪتاب سمجھ ۾ ايندي نظر نٿو اچي. ماڻهن جو مونجهارو ان ڪري به ڪنهن حد تائين درست لڳي رهيو آھي ته بظاهر ته وفاقي حڪومت مسلم ليگ نواز جي قائم ٿي آھي پر وفاقي حڪومت جي گهرو مامرن جي وفاقي وزير جو مسلم ليگ (ن) سان ڪو تعلق اڳ ته نه رهيو آھي پر گهرو وزارت جهڙو اهم عهدو ملڻ بعد ڏيکاءَ خاطر به هو مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جو رادو به ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. سوال هي آھي ته اگر وفاقي گهرو وزير جو تعلق نون ليگ سان نه آھي ته ان کي ايڏو وڏو عهدو مسلم ليگ نواز بنا ڪنهن پارٽي لاءِ قرباني ڏيڻ جي ڪيئن ڏئي ڇڏيو آھي؟ اهو سوال ان ڪري به هر ڪنهن جي ذهن ۾ اڀري اچڻ جائز آھي جو گهرو وزارت ڪا به سياسي پارٽي پنهنجي ويجهي ترين ۽ سب کان بااعتماد شخص کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ جو جوکم کڻندي ئي ڪڏهن نظر نه آئي آھي پر اها اڻ ٿيڻي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ ٿي آھي. ماڻهو ان اڻ ٿيڻي پويان مامرن جو سبب ڄاڻڻ گهرن ٿا. ان حوالي سان ان ڪري به بحث گهڻو ٿي رهيو آھي جو محسن نقوي صاحب هن عهدي کان اڳ پنجاب جو نگران وڏو وزير رهيو آھي.

نگران ڪابينا، پوءِ وفاقي هجي يا صوبائي، ان ۾ ته اڻڌريون شخصيتون ئي شامل ڪيون وينديون آھن، پوءِ محسن نقوي صاحب اگر اڻڌريو هو ته چونڊن بعد کيس پاڪستان جي وڏي وزارت ڇو ملي آھي ۽ ان اها قبول ڪيئن ڪئي آھي؟ نگران وڏي وزير جي عهدي تان فارغ ٿيڻ جي فوري بعد کيس گهرو وزير ڪهڙي صلي تحت لڳايو ويو آھي؟ نه رڳو گهرو وزير پر محسن نقوي صاحب وٽ چيئرمين پي سي بي جو به عهدو آھي، جيڪو به هڪ غير معمولي ۽ سڻڀي پوسٽ تصور ٿيندو آھي. لڳي ٿو ته محسن نقوي مٿان قسمت جي ديوي گهڻو مهربان آھي، جو انهن عهدن ملڻ باوجود کيس سينيٽ جي ايوان ۾ 6 سالن لاءِ ميمبر به چونڊرايو پيو وڃي. مزي جي ڳالھ اها آھي جو محسن نقوي مسلم ليگ (ن) سوڌو ڪنهن به پارٽي جي ٽڪيٽ تي سينيٽر نٿو چونڊجڻ چاهي، جنهن جو اظهار هن پاڻ ڪيو آھي. اهو چئي معلوم نه آھي ته هو چوڻ ڇا ٿو چاهي! ڇا هو اهو چوڻ چاهي ٿو ته ڪا به اهڙي پارٽي نه آھي، جنهن ۾ هو شامل ٿي سگهي يا هو جنهن رستي سان پهتو آھي، ان کي وڌيڪ بهتر، فائدي مند ۽ طاقتور رستو سمجهي ۽ محسوس ڪرائي  رهيو آھي. مامرو ڀلي ڪهڙو به هجي پر محسن نقوي جي ڪنهن به پارٽي جو حصو نه ٿيڻ جي واضح اعلان باوجود مسلم ليگ (ن)،  پيپلز پارٽي جا پنجاب اسمبلي ۾ ميمبر کيس ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آھن.

وفاقي ڪابينا ۾ وزير اعظم کان پوءِ سڀ کان طاقتور ناڻي وزارت کي سمجهيو ويندو آھي. اها وزارت به مسلم ليگ نواز جي ڪنهن اڳواڻ کي نه ملي آھي پر مارڪيٽ مان هڪ بينڪر کي چونڊي لڳايو ويو آھي. خير ناڻي وزارت جو عهدو ته ڪجھ عرصي کان ٻاهرين ماڻهن جي هٿ وس ايندو رهيو آھي. پيپلز پارٽي به حفيظ شيخ، شوڪت ترين جون خدمتون حاصل ڪيون. پي ٽي آءِ حڪومت به انهن ئي ٻنهي کي ناڻي وزارت ۾ آندو. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ اهو ڪنهن تصور نه ڪيو هو ته قومي اسيمبلي جو ميان نواز شريف ميمبر چونڊيل هجي ۽ وزيراعظم نواز شريف بجاءِ ڪو ٻيو ٿي وڃي. خير نواز شريف وزيراعظم ٿيڻ کان بظاهر انڪار ڪيو ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءَ کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو، جنهن لاءِ چونڊن کان اڳ ئي اهو چيو پئي ويو ته شهباز شريف ئي وزيراعظم ٿيندو ۽ چونڊن بعد ٿيو به ائين آھي. معلوم نه آھي ته اهو مامرو طئه ٿيل هو يا نه پر اهو ته ڪنهن نه سوچيو هو ته نواز ليگ جي حڪومت ۾ ناڻي وزارت جو عهدو اسحاق ڊار کانسواءِ ڪنهن ٻئي حوالي ٿي سگهي. اها اڻ ٿيڻي به نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ ٿي وئي آھي. نواز شريف جي سڀ کان ويجهي ساٿي اسحاق ڊار کي پرڏيهي مامرن جو وفاقي وزير بنايو ويو آھي. اها به سڀني کي ڄاڻ آھي ته پرڏيهي وزارت جي اهم ترين مامرن جا فيصلا ڪير ڪندو آھي! اها به ڪنهن کان ڪا ڳالھ ڳجهي نه آھي ته پرڏيهي مامرن جي وزارت ۽ دفاع وزارت جي مامرن بابت اصل فيصلائتي حيثيت ڪنهن وٽ آھي! انهن وزارتن بعد اهم ترين وزارت واپار واري تصور ٿيندي آھي. واپار واري وزارت ان ڄام ڪمال کي ڏني وئي آھي، جيڪو ڄام ڪمال 2013ع جي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جو نه رڳو ميمبر هو پر هو 2018 جي چونڊ کان وٺي ڪجھ ڏينهن اڳ تائين مسلم ليگ (ن) جي ڪابينا ۾ به شامل هو پر نواز ليگ جي حڪومت جي مدت جيئن ختم ٿي هئي ته ڄام ڪمال بلوچستان عوامي پارٽي يعني ‘باپ’ ۾ وڃي شامل ٿيو هو. 2018 جي چونڊن بعد نه رڳو هو باپ پارٽي جو سربراه پر بلوچستان جو وڏو وزير به رهيو. 2018 جي چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ تائين هو ‘باپ’ جو حصو رهيو. ان بعد جڏهن سياسي هوائن جو رخ تبديل ٿيو ته ڄام ڪمال صاحب نواز ليگ ڏي لاڙو رکيو ته ائين لڳو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ جو نعرو لڳائيندڙ نواز شريف کيس پارٽي ۾ ڀليڪار چوڻ لاءِ آتو هو ۽ هاڻي جڏهن چونڊ کٽي اسيمبلي ۾ پهتو آھي ته کيس اهم ترين واپار وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آھي. اهو عمل اگر سياست ۾ لوٽاڪريسي جي حوصلا شڪني آھي ته حوصلا افزائي ڪيئن ٿيندي آھي؟ اهو مون لاءِ الجبرا جي حساب وانگر ئي آھي.

سياست ۾ عجيب ۽ غريب اهو ئي مامرو نه آھي پر ناڻي وزير کي مسلم ليگ (ن) سينيٽر چونڊرائي رهي آھي. احد چيما به سينيٽر چونڊجي رهيو آھي. انهن سمورن نالن کي ڏسي لڳي ٿو ته هن ڀيري نواز ليگ کي ڪجھ سرس مجبوري لاحق ٿي آھي، ڇو ته نه رڳو اهم ترين وزارتون انهن جي ويجهن اڳواڻن وٽ نه آيون آھن پر اهو به پهريون ڀيرو ٿيو آھي جو مرڪز ۾ جنهن پارٽي جي حڪومت هجي، ان پارٽي جو صدر پاڪستان نه چونڊيو ويو هجي. هن وقت پيپلز پارٽي جو آصف علي زرداري ته صدر پاڪستان چونڊجي چڪو آھي ۽ سينيٽ چيئرمين، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر جو عهدو به پيپلز پارٽي کي ڏيڻ تي اتفاق ٿي ويو آھي پر لڳي ائين ٿو ته مسلم ليگ (ن) وانگر پيپلز پارٽي کي به چڱي خاصي مجبوري ورائي رکيو آھي. پيپلز پارٽي ان شخص کي بلوچستان صوبي جو وڏو وزير چونڊرايو، جيڪو نگران حڪومت ۾ گهرو وزير هو. دلچسپ ڳالھ اها آھي ته نواز ليگ پنجاب جي نگران وڏي وزير کي وفاق ۾ گهرو وزير ۽ پيپلز پارٽي وفاق ۾ نگران گهرو وزير کي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊرايو آھي. پيپلز پارٽي چاهي ها ته بلوچستان ۾ هر ڏکئي سکئي وقت ۾ پارٽي سان گڏ رهندڙ کي وڏو وزير ڪرائي پئي سگهي پر پيپلز پارٽي به “ايڊجسٽمينٽ” ڪئي آھي. پيپلز پارٽي جا ذريعا ٻڌائين پيا ته سينيٽ چيئرمين جو عهدو هاڻي پيپلز پارٽي جي يوسف رضا گيلاني کي ملندو پر چون ٿا نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ به سينيٽ جي چونڊ ۾ فارم ڀرايو آھي، ان ڪري اهو به سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي اچي سگهي ٿو. ان عهدي تي به پيپلز پارٽي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري ٿي يا نه، ان بابت 2 اپريل  بعد پتو پئجي ويندو پر سينيٽ ۾ سنڌ مان سرمد علي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آھي. معلوم نه آھي ته ان جو پيپلز پارٽي سان ڪهڙو تعلق رهيو آھي ۽ ان جي ڪهڙي پيپلز پارٽي لاءِ قرباني رهي آھي، جنهن جو کيس صلو ملي رهيو آھي ۽ ان کي سياسي وفاداري جي تارازي ۾ توريندڙن ميان رضا رباني، عاجز ڌامراه، ڊاڪٽر ڪريم خواجه، مولابخش چانڊيو ۽ ٻين ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن کان وڌيڪ اهميت ڏيندي انهن کي ته ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. باقي سڪندر جتوئي جي پٽ، شازيه مري جي ڀيڻ کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ضرور ملي آھي. ائين اي اين پي جي صوبائي صدر کي پيپلز پارٽي اي اين پي سان گڏ پنهنجو به اميدوار نامزد ڪندي کيس بلوچستان مان چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سنڌ مان ٻئي صوبي سان تعلق رکندڙ پلواشا هن وقت به سينيٽر چونڊيل آھي. ماضي ۾ رحمان ملڪ، مصطفي نواز کوکر ۽ ٻين کي به سنڌ مان چونڊرايو ويندو رهيو آھي، جيڪو سينيٽ ۾ صوبن جي برابري جي بنياد تي تصور جي خلاف آھي پر اسان وٽ ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي گهڻو ڪجھ ٿيندو آھي. جيئن هاڻي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ ايڊجسٽمينٽس ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آھن. اهڙو رستو ڪڍيو پيو وڃي ته صوبن جو اين ايف سي ايوارڊ تحت حصو گهٽائڻ کانسواءِ ئي وفاق جي آمدني يا رهندڙ رقم ۾ اضافو ٿي وڃي. ان لاءِ وفاق جي خرچن سان هلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ صوبن کان حصو وٺڻ، موسمي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهين جي مد ۾ خرچن ۾ به صوبن کان حصو وٺڻ، مختلف سبسڊيز ۾ به صوبن کان حصو وٺڻ لاءِ غور ڪيو پيو وڃي.