نواز شريف چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر تي حملا شروع ڪيا آهن: اعتزاز احسن

0
121

سينيئر قانوندان ۽ وڪيل اعتزاز احسن الزام هنيو آهي ته نون ليگ ۽ نواز شريف چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر تي حملا شروع ڪري ڏنا آهن، لنڊن ۾ طئي ٿيل منصوبي موجب اليڪشن ان ئي تاريخ تي ٿيندي جنهن تي نواز شريف چاهيندو، بار ايسوسيئيشنز ۽ ڪائونسلز نون ليگ جي اشاري تي چيف اليڪشن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته اليڪشن ڪميشن اعظم نذير تارڙ جي تڪ واري ضلعي حافظ آباد کي هڪ قومي سيٽ ڏني، ساڳي آبادي واري ضلعي جهلم کي 2 سيٽون ڏنيون ويون

چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف مهم هلائڻ پٺيان اعظم نذير تارڙ ۽ نواز شريف جو هٿ آهي، نون ليگ چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي