بي اين اي جو ڪمانڊر 70 ساٿين سميت قومي وهڪري ۾ شامل

0
184

بلوچستان جي بندش پيل تنظيم بي اين اي جو ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي 70 ساٿين سميت قومي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي سڌسماءَ واري نگران وزير جان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بنگلزئي چيو ته بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ ڀارت فنڊنگ ڪندو آهي

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجن ڪڌن مقصدن لاءِ بلوچ مائرن، ڀينرن ۽ نوجوانن کي رياست خلاف استعمال ڪري رهيا آهن

هن چيو ته پنهنجن ماڻهن ۽ سرزمين کان پري رهڻ تي پڇتائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ملي، ٻيا ماڻهو به ان انتظار ۾ آهن ته رياست هنن جي آجيان ڪري

نگران وزير جان اچڪزئي چيو ته بغاوت ڇڏي واپس ايندڙن کي رياست ڀليڪار ڪندي، غلط فهميون ۽ وڇوٽيون ختم ٿيڻ گهرجن

نگران وزير جان اچڪزئي چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ جو رستو بلوچستان مان وڃي ٿو