نامزدگي فارم: ذوالفقار مرزا جي فيملي جي 12 ڄڻن فارم وصول ڪري ورتا

0
412
نامزدگي فارم: ذوالفقار مرزا جي فيملي جي 12 ڄڻن فارم وصول ڪري ورتا
نامزدگي فارم: ذوالفقار مرزا جي فيملي جي 12 ڄڻن فارم وصول ڪري ورتا

ڪراچي: عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي

 ٽنڊو باگو جي صوبائي تڪ پي ايس 70 تي جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ حسنين مرزا سميت مرزا فيملي پاران 12 فارم ورتا ويا

پ پ ضلعي بدين جي اڳواڻ سائين بخش جمالي جي ڀاءُ ۽ آبادگار اڳواڻ شاهنواز خان جمالي به نامزدگي فارم وصول ڪيا

قمبر جي صوبائي تڪ پي ايس 16 لاءِ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا

جي يو آءِ اڳواڻ راشد سومرو لاءِ لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا

ساڳئي تڪ تان گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا هئا

جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 190 تان محمد ميان سومرو لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو

 ساڳئي تڪ تان پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي جي لاءِ به نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو، جي يو آءِ اميدوار ڊاڪٽر اي جي انصاري به نامزدگي فارم وصول ڪيو

ميرو خان جي صوبائي تڪ پي ايس 15 تان پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ ۽ ٻين جي لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا