ڪراچي (نمائندن وٽان) نواب ولي محمد واقعي خلاف سنڌ واسي روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. وڪيلن پاران عدالتي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ  ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾  ايس يو پي پاران پريس ڪلب اڳيان اعجاز سامٽيو، جڳديش آهوجا، مخدوم شمس، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف  ڪراچي بار ڪائونسل  طرفان ڪراچي بار طرفان عدالتي معاملا پڻ معطل ڪيا ويا، ٻئي طرف ملير بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران پروفيسر امداد چانڊيو، محب آزاد لغاري عوامي ورڪرز پارٽي پاران مقصوده رتڙ، جاويد رتڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي پاسي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڪنڊيارو، ٺٽو ۾ به وڪيلن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. سجاول سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٿرڙي محبت ۾ ڀنڊ برادري پاران احتجاج ڪيو ويو.  تلھار ايس ٽي پي پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. نوري آباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. ڌاٻيجي جي ڀنڊ برادري، ڏيٿا برادري ۽ سول سوسائٽي  پاران نينشل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو. جهوڪ شريف ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڀنڊ برادري احتجاج ڪيو ويو. دادو ۾ ايس يو پي ، جسقم ، ترقي پسند ، عوامي تحريڪ ۽ سول سوسائٽي پاران ڌرڻو هنيو ويو.   راڌڻ ۾ جسام چيئرمن غازي خان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  چوهڙ جمالي ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪيو ويو. واقعي خلاف  ايس ٽي پي ۽ جسقم ڪارڪنن شھر ۾ (اڄ)شٽربند ڪرڻ ھڙتال  جو سڏ ڏنو. ٽنڊومحمدخان ۾ سنڌ نيشنل پارٽي، عوامي تحريڪ، جسم جي ڪارڪنن  پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳاڙهو ۾ عوامي تحريڪ تعلقي ڪيٽي بندر جي سڏ تي ڌرڻو هنيو ويو. سيوھڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي. ڪڙيوگهنور  ۾ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي  ريلي  ڪڍي  ڌرڻو هنيو ويو. گولاڙچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سوين ماڻھن ريلي  ڪڍي ڌرڻو  هنيو. ميھڙ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ڌرڻو هڻي  نعريبازي ڪئي وئي. ميرپوربٺورو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج ٿيو. ڀٽ شاهه ۽ هالا ۾   فنڪشنل ليگ ۽ ٻين تنظيمن پاران مظاهرو  ڪيو ويو. ڪيٽي بندر ۾  عوامي تحريڪ ڪيٽي بندر پاران احتجاج ڪيو ويو. پنگريو ۾ به جسقم ايس ٽي پي ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل ريلي نڪتي. ملاڪاتيار ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج ٿيو. خيرپورناٿن شاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ايس يو پي، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، پورهيت مزاحمت، عوامي ورڪر پارٽي ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن احتجاج ڪيو. ماتلي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ڪڍڻ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن احتجاج ڪيو. ٽنڊوباگو ۾ مرزا گروپ پاران مظاهرو ڪيو ويو. سن  ايس يو پي اڳواڻن احتجاج ڪيو. شادي لارج ۾  سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قومپرست ڌرين مرزا گروپ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ڀان سيدآباد  ۾  ڀنڊ برادري ۽ ايس يو پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. راڄوخاناڻي سنڌي ادبي سنگت پاران احتجاج ڪيو ويو. نيوسعيدآباد، کورواهه، مانجهند، شڪارپور، وارهه، گاجي کهاوڙ، وڳڻ، ٺل، لاڙڪاڻو، چڪ سجاول جوڻيجو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.  جيڪب آباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ  تي ڌرڻو هنيو ويو. زرداري حڪومت جي خاتمي لاءِ دعا گهري وئي، اڄ شهر ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ به ڏنو ويو.رتوديرو، باقراڻي، ڳيريلو، ڪشمور، سنڌڙي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڇاڇرو، مٺي، نئونڪوٽ، پٿورو، جمال شاهه، ڄام صاحب، قاضي احمد. نوابشاهه، سانگهڙ، ٻانڌي، مورو،  مٺياڻي، ٽنڊو آدم،  شاهپورچاڪر،  ڪنڊيارو، دوڙ، دولتپور صفن ۾ به ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن طرفان عدالت ڪاررواين جو بائيڪاٽ، وڪيلن ۽ قومپرست جماعتن طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. خيرپور ۾ قومپرست تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي وئي. فيض گنج، ميرپورماٿيلو، خانپور مهر، ٺري ميرواهه، سيٺارجا، سوئي گئس، پيرڳوٺ، پير وسڻ، هڱورجا، فقير آباد، پنوعاقل  ۾مظاهرا ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.  اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين فوري گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.