ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) پنهنجي اخبار جي صحافي جي ماسات جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، جوابدارن مبينا ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ بلاول پنهور ۾ گهٽي معاملي تان صحافي جي گهر تي حملي ۾ قتل ٿيل نوجوان طارق ولد سڄڻ پنهور جا قاتل ڦلجي اسٽيشن پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن پاران ٻيهر ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، نوجوان جي والد سڄڻ پنهور ٻڌايو ته اسان تڏي تي ويٺا هئاسين، جوابدار پوليس اهلڪار غفار پنهور وري ڌمڪيون ڏنيون آهن، هن چيو تہ مقتول پُٽ طارق جي قبر جي مٽي آلي آئي، وري قاتل مونکي مارڻ چاهن ٿا، پوليس غائب آهي، صحافي سجاد الرحمٰن پنهور موجب گهر تي حملو ڪري نوجوان ماسات ماريو ويو، جوابدار ڀاءُ عتيق الرحمٰن پنهور کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون، ڦلجي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد نوٽيس وٺن.