ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيشن ڪورٽ ملير جي  عدالت مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاشف درس جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت طرفان جاري ڪيل تحريري فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ سان اپيل تي فرق نه پوندو، موجوده مرحلي ۾ جوابدار کي ضمانت ڏئي نٿي سگھجي. واضح رهي ته ڪاشف درس کي ٽرائل ڪورٽ 3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، ڪاشف درس تي الزام آهي ته هن سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽس ٺاهي مادرعلمي جي تڏهوڪي وي سي ۽ رجسٽرار سميت مختلف آفيسرن  کي بليڪ ميل ڪيو، جوابدار جي وڪيل سيشن ڪورٽ ۾ سزا خلاف اپيل داخل ڪئي، وڪيل اپيل تي فيصلو اچڻ تائين جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي، عدالت ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، اپيل تي ٻڌڻي جو سلسلو جاري رهندو. ڪاشف درس کي 3 مئي 2019ع تي ايف آءِ سائبر ڪرائيم مهراڻ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيو هو.