ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي جعلي ڊوميسائل ڪيس ۾  لاڳاپيل ڌريون پيش ٿيون، ٻڌڻي دوران خواجا اظهار چيو ته جسٽس محمد علي مظهر ڪافي ٻڌڻيون مڪمل ڪيون هيون،  جنهن تي عدالت جواب ڏنو ته اوهان جو موقف اوهان جي واري اچڻ تي ٻڌو ويندو، پهرين سرڪاري وڪيل جو موقف ٻڌنداسين، گذريل ٻن هفتن کان درخواستگذار طرفان ڪير به نه آيو هو. جنهن  تي خواجا اظهار الحسن موقف اختيار ڪيو ته ڪورونا ڪري احتياطي تدبيرن سبب نه آيس. ڊوميسائل نادرا کان جاري ڪرڻ ۽ جوڊيشل ڪميشن ذريعي ڊوميسائيلن جي جاچ ڪرائڻ متعلق داخل ڪرايل درخواستون به التوا ۾ پيل آهن. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت اعتراض داخل ڪرائيندي، انهي ڪري مهلت ڏني وڃي. عدالت سرڪاري وڪيل جي درخواست تي اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، جنهن بعد ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن چيو ته عدالتن تي ڪيسن جو ٻوجهه آهي، ڏيڍ ٻن مهينن جون تاريخون ملي رهيون آهن، اسان جي ڪوشش هئي ته مهيني يا 15 ڏينهن ۾ ڪيس هلايو وڃي، انصاف ملڻ ۾ دير ضرور آهي پر انصاف ملندو، ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ حڪومت اعتراض جمع ڪرائيندي.