مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ اٽي چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن حڪومتي اعلان ھوا ۾ اڏائي ڇڏيا، ضلعي هيڊڪوارٽر شھر توڙي آسپاس جي علائقن ۾ اٽو لاڳيتو 110 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مٽياري شھر سميت پوري ضلعي ۾ ڪٿي به سستي اٽي جا اسٽال نه لڳي سگھيا  آهن. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت تازو اعلان به ڪيو ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ته سنڌ ۾ اٽو 65 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو وڃي پر مٽياري جي اٽي چڪي مالڪن توڙي دڪاندارن سنڌ حڪومت جي اعلان کي ھوا ۾ اڏائيندي مٽياري شھر توڙي آسپاس جي علائقن ۾ اٽو بدستور 110 رپيا ڪلو وڪرو ڪري رھيا آھن ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي اعلان تي به عمل نه ڪري سگھي ۽ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر مٽياري توڙي پوري ضلعي ۾ ڪٿي به سستي اٽي جو اسٽال نه لڳائي سگھي آھي جنھن سبب برسات متاثر شھري مھانگي اگھه تي اٽو وٺڻ تي مجبور آھن مٽياري جي شھرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي ۾ اٽي جي اگھن تي ڪنٽرل ڪري حڪومتي اعلان مطابق سستي اگھه تي اٽو مھيا ڪيو وڃي.