ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۾ لاٿ برقرار: 230 رپين تي پهچي ويو: سون 2400 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه  بازار ۾ سون  2400 رپيا اضافي سان  143500 مان 145900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي ماڪيٽ ۾ سون 27 ڊالرن جي واڌ سان 1650 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 3 رپيا لاٿ سان 233 مان 230 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.49 رپين جي لاٿ سان 229.63 رپين تي بند ٿيو، ڊالر ۾ هلندڙ هفتي دوران 10.02 رپين جي گهٽتائي آئي آهي، هوڏانهن  پائونڊ 6 رپيا لاٿ سان 251 مان 245 ۽ يورو اڍائي رپيا لاٿ سان 222 مان 219.5 رپين تي پهتا هئا