ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ واقعي ۾ قتل ٿيل يو سي چيرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن تمندار مختيار چانڊيو ضلع ڪائونسل ميمبر قابل چانڊيو جي ورسي ملهائي وئي، ان موقعي تي  ميھڙ تمندار ھائوس کان ام رباب جي اڳواڻي ۾ سرداري نظام خلاف ڏهاڙو ملهائڻ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ام رباب چانڊيو، تمندار صدا حسين چانڊيو، پرويز چانڊيو، ڊاڪٽر سجاد چانڊيو اعجاز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪاارڪن تمندار ھائوس کان ڳوٺ ڊرٻ اباڻي قبرستان پهتا. وڏي تعداد ۾ موٽرسائيڪلون ۽ ڪارن جي نڪتل ريلي ۾ شريڪ ماڻھن سرداري نظام نامنظور، ظالمو جواب ڏيو خون جو حساب ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرہ هنيا. ورسي جي موقعي تي سرداري نظام خلاف جدوجهد ڪرڻ جو وچن ڪيو  ويو. ام رباب چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي ريلي سرداري نظام خلاف آهي ۽ عوام مٿان ظلم ڪندڙن سردارن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ڪندي. عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اسان کي سرداري نظام قبول ناھي. اڄ اسان شھيدن جي قبرستان تي وچن ڪنداسين ته قاتلن جي گرفتاري تائين سک جو ساھ نه کڻنداسين. قاتلن جي گرفتاري تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي. ام رباب چانڊيو چيو ته آئون شڪر گذار آهيان سنڌي عوام جي جن مون مظلوم جو ساٿ ڏنو. سنڌ جو عوام مون سان گڏ آهي. سردار اسان کي قتل ڪري سگهن ٿا پر اسان جي نظرئي کي ختم نه ٿا ڪري سگهن. اسان کي سرداري نظام ۾ بي يارو مددگار  ڪري ماريو ويو. پنهنجي پيءُ وانگر سرداري نظام سان وڙهنديس. ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته سرداري نظام ناسور آهي. ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال به سرداري نظام جي ڪري قتل ٿيا. سردارن ۽ جاگيردارن پنهنجي بچڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر قانون کان کين ڀڄي نه سگهيا. انشا الله کين ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائينداسين. ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته ميھڙ واقعي کي 4 سال ٿي ويا آھن سنڌ حڪومت انصاف ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي. هن چيو ته افسوس جي ڳالھ آھي جو واقعي کي 4 سال مڪمل ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين اسان کي انصاف فراھم نه ٿي سگھيو آھي جنھن مان ثابت ٿيو ته قاتلن کي سنڌ سرڪار جي پٺ ڀرائي حاصل آھي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شھيد بينظير ڀٽو جو پٽ ضرور آھي پر سندس سوچ تبديل آھي جيڪڏھن ھو پنھنجي امڙ جي فڪر جو پوئلڳ ھجي ھان ته ھو اسانجي ٻن قاتلن کي اسيمبلي ۾ نه ويھاري ھا. اسان ملڪي عدالتن  مان اميد رکون ٿا ته اسانکي انصاف ضرور ملندو