ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ۾ دڪاندارن پاران اي سي اياز احمد مشوري جي مبينا ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي  ڪريانه دڪاندار ايسوسيشن جي سڏ تي دڪاندارن پاران شير علي ڪلهوڙو، محسن علي ابڙو، سرفراز لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک عرضي ڀٽو چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي دڪاندار اڳواڻن جو چوڻ هو ته اي سي اياز احمد مشوري بلاجواز دڪانن تي چڙهايون ڪري هرڀرو ڏنڊ هڻي دڪان سيل ڪري حراسان ۽ پريشان ڪري رهيو آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دڪاندارن سان اي سي جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اي سي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ٻي پاسي پنهنجي پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي اي ايس اياز مشوري ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ دڪاندار من گهڙت الزام هڻي رهيا آهن هن چيو ته کاڌ خوراڪ جي دڪانن تي شين جا اگھ معلوم ڪرڻ لاءِ اوچتو ڇاپا هنيا ته ديدار مستوئي ۽ سرفراز لاشاري جي دڪانن مان ڊيٽ ايڪسپائر رڌ پچاءُ جا مصالا، بسڪيٽ ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون ملڻ تي ايڪسپائر سامان ضبط ڪري ٻن دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جا ثبوت پڻ موجود آهن.