مورو (ن پ ا) مورو پوليس جي گھر تي چڙھائي ھڪ ڄڻو گرفتار، 4 عورتن سميت 6 ڄڻن تي ڪيس داخل،  پوليس چڙھائي خلاف احتجاجي مظاهرو، انصاف جو مطالبو. مورو شھر جي حضوري پير محلا جي رھواسين آل پاڪستان عالماڻي اتحاد جي اڳواڻن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن حاجي گلاب خان عالماڻي، شرف الدين عالماڻي، الھڏنو عالماڻي، غلام شبير عالماڻي، غلام حيدر عالماڻي، سيف الله عالماڻي، غلام مرتضيٰ عالماڻي، ذاڪر علي عالماڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس بنا ڪنھن وارنٽ يا ليڊي پوليس جي رات جي اونداھيءَ ۾ الهڏنو عالماڻي جي گھر تي چڙھايون ڪري عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري گھرن مان سامان کڻي وئي آهي ۽ عورتن تي به ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو . هنن وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ھوڏانھن مورو پوليس جو چوڻ آھي ته اسان رات جو چوري جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار مور عالماڻي جي گرفتاري لاءِ سندس گھر تي ڇاپو ھنيو جنھن دوران عورتن پاران جوابدار مور عالماڻي کي بچائڻ لاءِ اسان پوليس جي مٿان ڏنڊن، لٺين، سروٽن سان حملو ڪيو جنھن دوران اي ايس آءِ محمد حنيف خانزادو سر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو،. جنھن کانپوءِ اسان 4 عورتن سميت 6 ڄڻن مٿان ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جيل ڪسٽڊي تحت رمانڊ تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، ايس ايچ او شھاب اڪبر ڪولاچي وڌيڪ چيو ته مور عالماڻي ڏوھاري آھي جنھن مٿان 7 چوري ۽ ڦر سميت مختلف ڪيس داخل ٿيل آھن.