منشيات جي وڪر ي کي روڪڻ جي ضرورت

0
275
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

منشيات اهڙو زهر آهي جيڪو آهستي آهستي سماجن جي رڳن ۾ داخل ٿي انهن کي مفلوج ڪري ناڪارا بڻائي ڇڏيندو آهي.منشيات ۾ ورتل سماج ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهندا آهن ڇاڪاڻ ته ان جو اڪثر ڪري نشانو اهي نوجوان هوندا آهن جيڪي مستقبل جا معمار سمجهيا ويندا آهن يا جن کي ملڪي توڙي سماجن جون واڳون سنڀالڻيون هونديون آهن. منشيات جي ڪاروبار ۾ ايترو پئسو آهي جو اهو ڪاروبار ڪندڙ انهي طاقت سان اختيارين ۽ انتظاميا جو سهڪار ۽ سرپرستي به حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪٿي به نظر نه ايندي آهي. سنڌ ۾ به منشيات جو وڪرو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان نسل انهي نشي ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي رهيو آهي پر ويجهڙ ۾ سرڪاري توڙي انتظامي سطح تي ان منشيات جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪي اهڙا اپاءَ نظر نه پئي آيا جنهن کي ڏسي چئي سگهجي ته انهي زهر کي روڪڻ لاءِ ڪي اثرائتيون ڪوششون ٿي رهيون آهن پر ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير ۽ اي اين ايف جي ڊي جي جي ملاقات اهم اڳڀرائي آهي جنهن سان اما اميد پيدا ٿي آهي مٿئين سطح تي ان منشيات کي روڪڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن .
سنڌ جي وڏي وزير سان ٻه ڏينهن اڳ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڊائريڪٽر جنرل ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس کي ڊرگ مافيا خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ اي اين ايف منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ سنڌ پوليس جي مدد ڪري.جنهن تي اي اين ايف جي ڊي جي وڏي وزير کي خاطر ڪرائي ته اي اين ايف ڊرگ مافيا ۽ منشيات خلاف سنڌ پوليس جي مدد ڪندي. جيڪڏهن زميني حقيقتون ڏٺيون وڃن ته انهي منشيات جي وڪري ۾ واڌ جو اصل ڪارڻ ئي لاڳاپيل کاتن جون اهي ڪاريون رڍون آهن جيڪي ٿوري لالچ ۾ پنهنجي کاتن کي به خوار ڪن ٿا ته نوجوان نسل تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. پوليس کان وٺي ايڪسائيز پوليس تائين ۽ ٻيا کاتا جن جي ذميواري آهي ته اهي اهڙن غير قانوني ڌنڌن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪن انهن جي ئي سرپرستي ۾ اها منشيات هڪڙن شهرن کان ٻين شهرن تائين پهچي ٿي جنهن جو تازو مثال ڪوٽڙي جي ايڪسائيز پوليس جي قبضي مان اهو چرس ملڻ آهي جيڪو ڪراچي ۾ پڪڙجي پيو ۽ اهي اهلڪار گرفتار ٿيا. انهي کانسواءِ هر شهر ۾ آفيم ،گٽڪو، مين پڙي ويندي هيروئن جو ڪاروبار پوليس جي سرپرستي کانسواءِ ممڪن ئي ناهي،هاڻي ته حالت اها آهي جو ميڊيڪل اسٽورن تان به ڊاڪٽر جي لکت کان سواءِ نشي واريون گوريون يا دوائون آرام سان ملي سگهن ٿيون. بهرحال وڏي وزير ۽ اي اين ايف جي ڊي جي جي ملاقات مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته منشيات جي ڪاروبار کي روڪڻ ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي سگهندي.
اسان سمجهون ٿا ته اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها اي اين ايف جي سهڪار سان پنهنجي صوبي جي سرحدن تي ٻين صوبن کان ايندڙ منشيات تي نظر رکي ۽ صوبي اندر پوليس ۽ ايڪسائيز پوليس جي ڪجهه بهتر آفيسرن معرفت انهي منشيات مافيا خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪري جيئن ان جي وڪري کي روڪي سگهجي ۽ نوجوان نسل کي منشيات جي زهر کان بچائي سگهجي.