ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي لاءِ سڌارا آڻي رهي آهي: وزيراعظم

0
154
اسلام آباد مارچ جي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سول ۽ فوجداري انصاف واري نظام جي قانون ۾ ضروري تبديليون ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ انصاف جو نظام موثر ۽ غريبن جي پهچ ۾ هجي

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سول لاز سڌارن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، وفاقي وزير فروغ نسيم، فواد چوڌري، خصوصي معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، قانون واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ صوبائي قانون واري وزير راجا بشارت، فضل شڪور خان ۽ لاڳاپيل صوبائي عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي

وزير اعظم چيو ته 1908ع کان پوءِ پهريون ڀيرو حڪومت سول قانون ۾ تبديلي آڻي رهي آهي، ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت هڪ صدي پراڻي قانون کي سڌارڻ جو نه سوچيو

وزير اعظم چيو آهي ته ملڪ جي اها بدقسمتي رهي آهي جو گذريل حڪومتن جي ان قانون کي تبديل نه ڪرڻ جو سبب اشرافيه پنهنجي پاڻ کي قانون کان بچڻ ۽ فرار ٿيڻ لاءِ محفوظ رکيو هو

موجوده حڪومت ۾ عدليه آزاد آهي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي لاءِ سڌارا آڻي رهي آهي

وزيراعظم چيو ته انصاف جي فوري ۽ ضمانت جي فراهمي سڌي طرح بهتر حڪمراني سان ڳنڍيل آهي،  عوام کي تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وراثتي سرٽيفڪيٽ جي فراهمي اسلام آباد ۾ جنوري 2021ع، پنجاب ۽ سنڌ ۾ جون 2021ع ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڊسمبر 2021ع کان يقيني بڻايو پيو وڃي

بلوچستان ۾ به ان قانون جي منظوري تي ڪم تيزي سان جاري آهي، هينئر تائين، مجموعي طور تي 10,485 خاندانن نئين نظام تحت (15 ڏينهن جي عرصي دوران) وراثت جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن، 12 ملڪن سميت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهه ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانن ۾ 22 ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن