مرڻ گهڙيءَ تائين ڪچو گوشت کائڻ جو فيصلو ڪندڙ شخص

0
219

ڪراچي(دلچسپ نيوز) ڪچو گوشت کائيندڙ شخص انسٽاگرام تي هزارن جي تعداد ۾ پوئلڳ رکندڙ آهي پر انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجو نالو ناهي لکيو. جيئن ته سڀ ان کي ”را ميٽ ايڪسپيريمينٽ“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا جيڪو هن جي اڪائونٽ جو نالو آهي. جيڪڏهن اسان هن شخص جي اڪائونٽ جو تفصيلي جائزو وٺون ته خبر پوي ٿي ته اهو گذريل 3 مهينن کان ان سفر طرف هلندڙ آهي، ٽي مهينا اڳ هن طئي ڪيو هو ته هاڻي اهو صرف کائڻ ۾ ڪچو گوشت ئي کائيندو.

هن شخص چيو آهي ته ان وقت تائين ڪچو گوشت کائيندس جيستائين بيڪٽيريا سان هن جي موت نه ٿي وڃي. ويڊيو ۾ ڄاڻايل شخص نه صرف ڳئون ۽ ٻڪري بلڪ مڇي جو به ڪچو گوشت کائي رهيو آهي. ان کان علاوه هن جو چوڻ آهي ته ڏسون ٿا ته ڪچو گوشت کائڻ سان مان 5 ڏينهن تائين زنده رهان ٿو يا وڌيڪ 500 سالن تائين هن دنيا ۾ رهندس. هن جو چوڻ آهي ته ڪچو گوشت کائڻ سان زندگي وڌندي آهي.

ھي به پڙھندا

حريم شاهه جو مڙس سنڌ پوليس جو سپاهي نڪتو، کيس نوڪري مان ڇو برطرف ڪيو ويو