ماڌوري ڊڪشٽ ممبئي ۾ سوا ارب رپين جو گهر خريد ڪري ورتو

0
242

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي “ڊانسنگ ڪوئين” ماڌوري ڊڪشٽ ممبئي جي علائقي ورلي ۾ 48 ڪروڙ رپين جو گهر خريد ڪري ورتو جنهن جي پاڪستاني رپين ۾ ماليت تقريبن سوا ارب رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي

ڀارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان گهر کان بحيره عرب جو نظارو تمام خوبصورت آهي. اها پراپرٽي انڊيا بلز بلو پروجيڪٽ ۾ آهي ۽ 8 سيپٽمبر تي رجسٽرڊ ٿي هئي

پنجين منزل تي واقع اپارٽمنٽ 5 هزار 348 اسڪوائر فٽ جو آهي جڏهن ته گهر ۾ ڪار پارڪنگ لاءِ 7 پوائنٽون ٺاهيون ويون آهن. انڊيا بلز بلو پنهنجي انسٽاگرام هينڊل تان اپارٽمنٽس جون ڪجهه تصويرون به جاري ڪيون آهن

جن ۾ هڪ خوبصورت سوئمنگ پول، فٽبال گرائونڊ، ٽينس ڪورٽ، اسڪواش ڪورٽ، بيڊ منٽن ڪورٽ، جم ۽ ڪرڪيٽ نيٺ ڏٺو ويو آهي. واضح رهي ته ماڌوري ڊڪشٽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ سڀ کان ڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن مان هڪ هئي