اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد کان لنڊن ويندڙ برطانوي اڏام ۾ مسافر عورت دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي، مسافر جي فوت ٿيڻ سبب جهاز تاشقند ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي، ري فيولنگ دوران جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي، جنهن ڪري 19 ڪلاڪن کان اڏام رواني نه ٿي سگهي، جنهن ڪري ڪيترائي مسافر تاشقند ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهن، برطانوي ايئرلائين جو چوڻ آهي ته مسافر عورت کي دل جو دورو پوڻ سبب هنگامي لينڊنگ ڪئي، جهاز ۾ فني خرابي ٿي آهي، ان کي ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڦاٿل مسافرن کي کڻي برطانوي ايئرلائين جي متبادل اڏام مقامي وقت موجب صبح جو 3 وڳي 35 منٽن تي لنڊن لاءِ رواني ٿيندي، مسافرن احتجاج ڪندي چيو آهي ته لاڳيتو 9 ڪلاڪ جهاز ۾ ويهارڻ باوجود نه هوٽل تي منتقل ڪيو ويو ۽ نه روانگي جو وقت ٻڌايو ويو، جنهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته هڪ هڪ بيمار مسافر جي ڌي ٽوئيٽر تي هنگامي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي ڪلاڪ ٿي ويا آهن والد کي نه طبي امدادي ڏني وئي نه آڪسيجن ۽ نه ويل چيئر، ڪجهه به فراهم ناهي ڪيو ويو، بلڪل لاوارث ڇڏيو ويو آهي.