لاھور ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻن ڇوڪرين سوڌو 9 ڄڻا اغوا

0
209
لاھور ۾ 24 ڪلاڪن دوران

لاھور: لاھور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻن ڇوڪرين سوڌو 9 ڄڻن کي اغوا ڪيوويو آھي، پوليس موجب اغوا جون وارداتون لاھور جي مختلف علائقن ۾ ٿيون، جتي ٻن ڇوڪرين ۽ 7 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آھي

پوليس جو چوڻ آھي تھ لاھور جي علائقي اقبل ٽائون ۽ گوجرا مان ٻن ڇوڪرين کي اغوا ڪيو ويو، پوليس موجب ملت پارڪ، گلشن اقبال، چوھنگ، رائيونڊ، فيڪٽري ايريا، ساندا ۽ گرين ٽائون مان 7 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آھي

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ اغوا جي سمورن واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جلد اغوا ٿيلن کي ھٿ ڪيو ويندو