لاڙڪاڻي ويجهو پنجاب واسڻ شادي شده عورت سان مبينه جنسي ڏاڍائي

0
213
لاڙڪاڻي ويجهو پنجاب

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو سيهڙ اسٽيشن ۾ پنجاب جي رهواسڻ شادي شده عورت سان مبينا جنسي زيادتي جو انڪشاف، متاثر عورت مڙس سميت ايس ايس پي آفيس پهچي شڪايت ڪندي جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو. ان حوالي سان پنجاب جي ضلعي ليه جي شهر فتح پور جي رهواسڻ مسڪان آرائين پنهنجي مڙس عزيز الرحمان آرائين سان گڏجي ايس ايس پي آفيس پهتي

 هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي مڙس جو لاڙڪاڻي جي سيهڙ اسٽيشن واسي ياسين شاهاڻي سان ڪيترن ئي سالن کان واسطو آهي ۽ ڪراچي ۾ منهنجو مڙس ان سان گڏجي فئڪٽري ۾ ڪم به ڪندو آهي. هن الزام لڳايو ته گذريل 8 نومبر جي ڏينهن آءُ پنهنجي مڙس سان گڏجي سيهڙ اسٽيشن ياسين شاهاڻي وٽ آياسين ۽ ٽي ڏينهن بعد مڙس پنجاب ويو ته ياسين شاهاڻي مون کي ٻه راتون مون کي ماني ۾ نشو ڏئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ هڪ رات مون کي جوس ۾ نشو ڏنو

عورت چيو تھ جوس نه پيئڻ تي مون کي نشو نه ٿيو ۽ مون ياسين شاهاڻي کي جنسي زيادتي ڪندي پڪڙي پنهنجي مڙس کي فون تي اطلاع ڏنو جنهن بعد اسان سيهڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو جنهن ڪري اسين ايس ايس پي آفيس دانهڻ لاءِ آيا آهيون. هن مطالبو ڪيو ته جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ياسين شاهاڻي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

سجاول ويجهو ناريءَ سان مبينا اجتماعي زيادتي، ڪيس داخل نه ٿيو