قاضي احمد واسي نوجوان پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

0
404

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ شھمير زرداري جو رهواسي 17 ورهين جو نوجوان رياض کوسو پير فارم جتوئي اسٽاپ هوٽل وٽان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود گهر واپس نه پهتو سندس وارثن چاچي شاھ محمد کوسو جو چوڻ آھي ته نوجوان جي ڳولا ڪرڻ باوجود ھٿ اچي ناهي سگهيو نه وري هو گهر موٽيو آھي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ مٽن مائٽن کان پڇا ۽ ڳولا به ڪئي آهي پر ڪٿي به هن جو ڏس پتو نٿو پيو آھي هوڏانهن وارثن پاران جوان جي پراسرار گم ٿيڻ جو اهڙو اطلاع حد جي پوليس ٿاڻي تي به ڏنو آهي، نوجوان جي ڳولا ۾ مدد وس وارا مدد ڪن.