سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل امتحانن سوڌو سمورو ڪاروهنوار معطل، ويبسائيٽ بند ڪرڻ جو حڪم

0
905
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 1989ع واري ايڪٽ تحت امتحان، انٽرويوز، ڀرتيون، مقرريون ۽ ٽينڊر سوڌو ڪميشن جو سمورو ڪاروهنوار معطل، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪميشن جي 2018ع ۾ ٿيل چٽاڀيٽي امتحان جا سمورا نتيجا ۽ ڀرتيون به معطل ڪري ڇڏيون، ڪميشن جي 2018ع واري اشتهار تحت 17 سئو 83 مرد ۽ عورت ميڊيڪل آفيسرز جون مقرريون معطل، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ميڊيڪل شاگردياڻي جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز جون مقرريون قانون جي اُبتڙ قرار، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪميشن جي حوالي سان 1989ع وارو ايڪٽ وجود ئي نٿو رکي، هاڻي ڪميشن طرفان پهرين واري قانون تحت ميرٽ جي بُنياد تي ڀرتيون ڪيون وڃن، سنڌ حڪومت ڪميشن جا نوان قانون ۽ ضابطا جوڙڻ چاهي ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا سوڌو ترقي پذير ملڪن جي قانون مان رهنمائي وٺي سگهجي ٿي، عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويبسائيٽ کي به انٽرنيٽ تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.