فيس بڪ ميسينجر وسيلي هاڻ رڳو پيغام نه پئسا به اماڻيو

0
320

ڪراچي(دلچسپ نيوز) فيس بڪ جي پهرين ميسيجنگ ايپ 10سالن جي ٿي وئي آهي ۽ ان موقعي تي ڪمپني ميسينجر ۾ ڪجهه نئين تبديلين ۽ اپ ڊيٽس جي واڌ ڪئي آهي. ان موقعي تي ميسينجر جي مختلف موجوده فيچرز جي سالگرهه ورجن کي متعارف ڪرايو ويو آهي جهڙوڪ سائونڊ اموجي، اي آر افيڪٽس، اسٽيڪرز، چيٽ ٿيمز ۽ ٻيا افيڪٽس. واهپيدار هاڻ پنهنجي دوستن کي روڪ رقم به برٿ ڊي گفٽ طور رقم فيس بڪ پي ذريعي موڪلي سگھندا ۽ پيمينٽ سروس ۾ به ڪجهه اينيميشنز جي واڌ ڪئي آهي. ميسيجنگ ايپ ۾ هڪ نئين قسم جي مني گيم پولي گيمز کي به چيٽس جو حصو بڻايو ويو آهي. ان فيچر سان دوستن جي گروپ چيٽ ۾ پولز جي شروعات ٿي سگھندي. سڀني نون برٿ ڊي افيڪٽس، پول گيمز ۽ برٿ ڊي گفٽس کي متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ڪمپني طرفان جلد ورڊ افيڪٽس نالي فيچر کي به متعارف ڪرايو ويندو. ان فيچر جي مدد سان واهپيدار ڪنهن مخصوص لفظ يا جملي سان گڏ هڪ اموجي سلهاڙي سگھندا. انهن اپ ڊيٽس مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ ڏهاڪي دوران ميسيجز ايپ ڪنهن حد تائين مٽجي وئي آهي 2011ع ۾ پيش ڪيل اها ايپ پهريان عام چيٽ ايپ هئي پر هاڻ ان ۾ ايترن فيچرز جي واڌ ڪئي وئي آهي جو ڪمپني کي پاڻ گذريل 2 سالن ۾ 3 ڀيرا ري ڊزائين ڪرڻو پيو.