عبوري سليڪشن ڪميٽي جو وڏو فيصلو: ڏاهاڻي سميت 3 رانديگر ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل

0
276

نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ اعلانيل پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ 3 رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب عبوري سليڪشن ڪميٽي ۾ فاسٽ بالر مير حمزه، آف اسپنر ساجد خان ۽ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي شامل ڪيو ويو آهي

پي سي بي جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو عبوري سليڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي

پي سي بي جو چوڻ آهي ته مير حمزه قائد اعظم ٽرافي جي 4 ميچن ۾ 16 وڪيٽون ورتيون، ساجد خان 7 ميچن ۾ 21 وڪيٽون ورتيون، ڏاهاڻي قومي ٽيم سان گڏ هجڻ سبب صرف 2 ميچون کيڏي سگهيو