صدر عارف علوي پاران چونڊ سڌارن لاءِ اپوزيشن کي ايوان صدر اچڻ جي دعوت

0
452

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ سڌارن لاءِ اپوزيشن کي ايوان صدر اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، صدر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن ايوان صدر نٿي اچڻ چاهي ته هوُ پاڻ پارليامينٽ هائوس وڃڻ لاءِ تيار آهي، هڪ انٽرويو دروان عارف علوي چيو ته چونڊ سڌارن جو اصل فيصلو پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي،آرڊيننس آڻڻ جو مقصد اليڪٽرانڪ ووٽنگ لاءِ وقت گهٽ هجڻ آهي