شهيد جان محمد مهر جو مڙهه چڪ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

0
432

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي چڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، رات شهيد جان محمد مهر جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

سينيئر صحافيءَ جي پهرين جنازي نماز رات دير ساڍي 3 وڳي سکر جي مڪي مسجد ۾ به ادا ڪئي وئي، سکر ۾ جنازي نماز بعد مڙهه چڪ پهچايو ويو، اڄ صبح جو چڪ ۾ ٻيهر جنازي نماز بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

 سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل صحافين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي، صحافين ۽ صحافتي تنظيمن پاران شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيوويو آهي

هي به پڙهندا

سکر ۾ هڪ ٻيو قلم ڌڻي ٽارگيٽ: سينيئر صحافي جان محمد مهر گوليون هڻي قتل