سکر ۾ هڪ ٻيو قلم ڌڻي ٽارگيٽ: سينيئر صحافي جان محمد مهر گوليون هڻي قتل

0
502

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو)  سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر کي  قاتلاڻي حملي ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ جان محمد مهر معمول مطابق آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته لڪس پارڪ سامهون تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن مٿس سڌي فائرنگ ڪري ڏني. سينيئر صحافي جان محمد مهر ڳلي، هٿ ۽ اک مٿان گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو

سکر ۾ هڪ ٻيو قلم ڌڻي ٽارگيٽ: سينيئر صحافي جان محمد مهر گوليون هڻي قتل
سکر ۾ هڪ ٻيو قلم ڌڻي ٽارگيٽ: سينيئر صحافي جان محمد مهر گوليون هڻي قتل

جان محمد مهر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جان محمد مهر کي هڪڙي گولي ڳلي ۾ لڳي، ٻي گولي ساڄي اک مان لڳي ٻئي پاسي کان نڪتي

پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي حوالي ڪيو ويو جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي. ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته برادري وچ ۾ جهيڙي سبب واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا

هوڏانهن وارثن جو چوڻ هو ته جان محمد کي ڪجهه ڏينهن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به سکر جي سينيئر صحافي جان محمد تي قاتلاڻي حملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي.